چاچڙ، حـاجـي خـان

چاچڙ، حـاجـي خـان

چاچڙ حاجي خان

چاچڙ، حـاجـي خـان: سياسـي، سـماجـي اڳـواڻ، سـردار حـاجي خان چـاچـڙ، 12 مئي 1946ع تي پني عاقل ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم نيو ماڊل اسڪول ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول پني عاقل مان ورتائين. اسلاميه ڪاليج سکر مان گريجوئيشن ڪيائين. پنهنجي والد سردار علي مردان خان جي وفات کان پوءِ چاچڙ قبيلي جو سردار ٿيو. حاجي خان چاچڙ سياست جي شروعات 1980ع واري ڏهاڪي کان ڪئي. ٽي ڀيرا ضلعي ڪائونسل سکر جو ميمبر ۽ پني عاقل مارڪيٽ ڪميٽيءَ جو چيئرمئن رهيو. 1988ع جي چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ڪامياب ٿيو ۽ 1990ع جي چونڊن ۾ به صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو. سردار حاجي خان پنهنجي ڳوٺ ۽ ڪـچـي جي ڳوٺ ڦـلاڻـيءَ ۾ پرائمري ۽ مڊل اسڪول ٺهرايا. 1988ع ۾ پـنـي عـاقـل شهـر لاءِ سُئـي گـئس جـي اسڪيـم لاءِ تحرڪ ورتائين، جيڪا اڳتي هلي 1992ع ۾ فراهم ٿي. هڪ اليڪشن ۾ فنڪشنل ليگ جي ٽڪيٽ تي چونڊ به وڙهيو. 2008ع جي چونڊن ۾ مسلم ليگ (ق) جي ٽڪيٽ تان بيٺل هو، پر محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت واري المناڪ واقعي کان پوءِ چونڊ مهم بند ڪري، اليڪشني عمل کان پاسيرو ٿيو. 2010ع واري ٻوڏ دوران هن قبيلي جي مدد سان بندن جي مرمت ۽ چوڪسي ڪرائي علائقي کي بچايو. هن وقت رهائش ڳوٺ حاجي خان چاچڙ، تعلقي پني عاقل ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.05.12  عيسوي

سياسـي، سـماجـي اڳـواڻ، سـردار حـاجي خان چـاچـڙ، 12 مئي 1946ع تي پني عاقل ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄام ڏيسر-I
سندر ڀڳوانداس
اسحاق مڱريو
درس عبدالرحيم
تبريزي شمس الدين
پير بخاري1
مير رسول بخش خان ٽالپر
پير ڀلڻ شاهه جيلاني
ثميره زرين
ٽهلرام آزاد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون